سعيد سميجو

سعيد سميجو

سعيد سميجو

سعيد سميجو: محقق ۽ فنڪار سعيد احمد ولد جاڙو خان سميجو ، 23 ڊسمبر 1992ع تي دادوءَ شھر ‏‏۾ پيدا ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم دادوءَ مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ‏ڄامشوري مان، ڪمپيوٽر سائنس (2014ع)، ايم. اي (سنڌي، 2017ع) ۽ ايم. فل (2023ع) جون ڊگريون ‏حاصل ڪيون. گهر ۾ ادبي ماحول ھجڻ ڪري کيس پڙھڻ ۽ لکڻ جو شوق هو، سندس ايم. فل جو موضوع ‏‏‘ميين شاھھ عنات رضويءَ جي شاعريءَ ۾ جماليات’ ھو. سندس پھريون ڪتاب ‘ميين شاھہ عنات جو ‏ڪلام’ (چونڊ) 2019ع ۾ شايع ٿيو.‏ موسيقيءَ سان دلچسپي سبب يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دؤران ھن ڳائڻ جي شروعات ڪئي. ھن موسيقيءَ ‏جي بنيادي تعليم استاد خادم حسين سخيراڻيءَ کان حاصل ڪئي ۽ ائين موسيقيءَ بابت هڪ ڪتاب ‏‏‘راڳ وِديا’ لکيو، جيڪو 2023ع ۾ شايع ٿيو، جنھن کي ساڳئي سال سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ميوزڪ اينڊ ‏پرفارمنگ آرٽس (سمپا) ڄام شورو جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. ‏
ھن سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي ميزباني هيٺ، مختلف ڪانفرنسن ۾، ‘ڪارٽون اينيميشن ‏جو ٻاراڻي ادب ۾ ڪردار’ ۽ ‘ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ ۽ ڊجيٽلائيزيشن’ جي عنوان سان پنھنجا تحقيقي ‏مقالا پيش ڪيا. ان کان علاوه سندس تحقيقي مقالو ‘ميون شاھھ عنات رضوي سُرن جو مؤجد ۽ سُر لفظ جو ‏تحقيقي تنقيدي اڀياس’، جي عنوان سان، ‘سنڌي ٻولي’ تحقيقي جرنل ۾ بھ شايع ٿي چڪو آھي. ھن وقت ‏‏‘سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ميوزڪ اينڊ پرفارمنگ آرٽس ڄام شوري’ ۾ ‘ائڊمن ڪوآرڊينيٽر’ ۽ آرٽس ‏ڪائونسل آف حيدرآباد ۾ ‘ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي تاريخ’ جي استاد طور خدمتون انجام ڏيئي رھيو ‏آھي.‏


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1992.12.23  عيسوي

محقق ۽ فنڪار سعيد احمد ولد جاڙو خان سميجو ، 23 ڊسمبر 1992ع تي دادوءَ شھر ‏‏۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باک پيرزادو
پاٽائي يوسف سنڌ
شيام داس جوشي
پير هدايت الله ٺُلاهي
اسماعيل عرساڻي
خالد بن عبدالعزيز
ضياء الحق جنرل
چانڊيو شادي خان ۽ سندس مقبرو
ٺٽوي سيد احمد
رامانند سوامي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون